49

عمران خان کي اڊيالا جيل ۾ قيد جو هڪ سال: اهم تفصيل سامهون اچي ويا

راولپنڊي: پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ هڪ سال قيد جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ 365 ڏينهن دوران 180 کان وڌيڪ جيل ٽرائل جي ٻڌڻي ٿي. ان کان علاوه هن پارٽي اڳواڻن ۽ وڪيلن سان 100 کان وڌيڪ ملاقاتون ڪيون.

عمران خان 365 ڏينهن ۾ ٻڌڻي دوران 1000 ڪلاڪ عدالت ۾ گذاريا. اهڙي طرح هن هڪ سال ۾ 90 ڏينهن اڪيلائي ۾ گذاريا، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني انهن 365 ڏينهن ۾ ڪڏهن به بيمار نه ٿيو.

تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين 365 ڏينهن ۾ رڳو ڏند ۾ سور جي شڪايت ڪئي. ساڳئي عرصي ۾ هن 180 کان وڌيڪ ڀيرا ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته هڪ سال ۾ عمران خان 3 ڀيرا اي ڪورٽس ۾ پيش ٿيندو.

جيل ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني کي 365 ڏينهن ۾ 3 ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي. 365 ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ باني بشرا بي بي سان هڪ ڀيرو به اڪيلائي ۾ ملاقات نه ڪري سگهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں