59

وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اڄ خطاب ڪندو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي  کي اڄ خطاب ڪندو ۽ نيويارڪ ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو  جاري آهي.

گڏيل قومن جي 79 هين اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، فلسطين، لبنان ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جو ڪيس دنيا جي آڏو رکندو.

اسلاموفوبيا ۽ موسمياتي تبديلين جو معاملو به اٿاريو ويندو، وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي پاڪستان جي نقطئه نظر کي اجاڳر ڪندو، شهباز شريف عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں