55

پي ٽي آءِ احتجاج: راولپنڊي جا اهم هنڌ سيل، داخلي رستا بند، وڏي نفري مقرر

راولپنڊي:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي انتظاميه راولپنڊي جا اهم هنڌ سيل ڪندي داخلا رستا بند ۽ وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي.

لياقت باغ ۾ پي ٽي آءِ طرفان احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ راولپنڊي انتظاميه ڪنٽينرز لڳائي شهر کي مڪمل طور تي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به قسم جي ٽريفڪ شهر ۾ داخل نٿي ٿي سگهي. جڏهن ته رستا بند ٿيڻ سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پوليس جا هزارين اهلڪار مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويا آهن.

شهر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري مقرر آهي. لياقت باغ مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي ۽ شهر م قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ڪنهن به قسم جي جلسي، اجتماع يا ڌرڻي کان علاوه هٿيارن جي نمائش تي به پابندي لاڳو هوندي. جڏهن ته ميٽرو بس سروس به جزوي طور تي معطل ڪئي وئي آهي.

فيض آباد کان مريڙ چوڪ کي مڪمل سيل ڪيو ويو آهي. مري روڊ داخل ٿيندڙ سمورا چوڪ، لياقت باغ چوڪ، ڪميٽي چوڪ، اصغر مال چوڪ کي به سيل ڪيو ويو آهي. انهي کان علاوه چاندني چوڪ، رحمان آباد چوڪ، صادق آباد چوڪ، شمس آباد، ڊبل روڊ چوڪ کي به سيل ڪيو ويو آهي .انهي دوران لياقت باغ کي تالا لڳائي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي.

مري روڊ تي داخل ٿيڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون گهٽيون ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيون ويون آهن. لياقت باغ ۾ موجود 2 سرڪاري آفيسون به سيل ڪيون ويون آهن. لياقت روڊ، اقبال روڊ، سڪسٿ روڊ جا سمورا تعليمي ادارا بند آهن. لياقت روڊ ۽ اقبال روڊ جون سموريون هوٽلون بند ۽ ڪمرا خالي ڪرايا ويا آهن. لياقت باغ ۾ صبح جو واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. مري روڊ ۽ الائيڊ اسپتالن تائين ايمبولينس جو داخلا به بند ڪيو ويو آهي ۽ سمورن روڊن تي پوليس ۽ قيدين جون وينون پهچايون ويون آهن.

لياقت باغ موٽر طرفان سائيڪلن جو به داخلا بند ڪيو ويو آهي. لياقت روڊ تي ناشتي جا دوڪان ۽ تندور به بند آهن. پوليس سان گڏ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي ڳرن شيلز سان ليس اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن. ميٽرو بس اسٽيشنن تي به پوليس مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ميٽرو بس سروس مڪمل بند ڪئي وئي آهي. بائيڪيا موٽر سائيڪل سروس به دستياب نه آهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي امڪاني ريلي کي روڪڻ جي لاءِ فيصل آباد جي ڀرسان علائقن کي بند ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس جي بندش سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن. ميٽرو بس سروس جي ٽريڪ تي جاري ڪم کي به روڪيو ويو آهي ۽ فيص آباد جي ڀرسان ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ ۽ شهر ۾ قلم 144 لاڳو هجڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميه طرفان رنڊڪون بيهاريون ويون آهن. انهي دوران مري روڊ جا سمورا پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن. صدر گوالمنڊي جا سمورا رستا به رسيل ڪيا ويا آهن. جنهن سبب سمورو راولپنڊي ڪنيٽينرز جو شهر لڳي رهيو آهي. سمورن رستن ۽ ٻاهرين شهرن ايمبولينس جو اسپتالن جي لاءِ به رستو مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.

راولپنڊي ۾ رحمان چوڪ، شمس آباد جا علائقا به سيل ڪيا ويا آهن. شهر کان اڊيالا جيل ويندڙ سمورا رستا مڪمل سيل آهن. اڊيالا جيل جي سامهون سموري قسم جي پارڪنگ ۽ بيهڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. اڊيالا جيل ڳوٺ ڏيندڙ ٽرانسپورٽ کي به بند ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل ۾ عام جوابدارن سان ملاقات جي ويندڙ شهري به پريشان ٿي ويا آهن. پوليس لائين سهانه پوليس ٽريننگ ڪاليج ۽ روات ڪانسٽيبلري جي مڪمل نفر يبه مري روڊ تي مقرر ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں