54

ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، 118 ارب روپين کان وڌيڪ وصول، هزارين گرفتاريون

اسلام آباد: ملڪ ۾ بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 118 ارب روپين کان وڌيڪ رقم وصول ۽ هزارين گرفتاريون ڪيون ويون آهن.

معيشت جي بحالي لاءِ حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ بجلي جي چوري کي روڪڻ واري مهم به زور شور سان جاري آهي. عوام کي بجلي جي بحران کان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا قدم سامهون اچي رهيا آهن.

بجلي چورن جي خلاف سخت ڪريڪ  ڊائون ۾ سڄي ملڪ مان هينئر تائين 118 ارب 03 لک روپيه وصول ڪيا ويا ويا آهن. جڏهن ته ان دوران 85 هزار 330 کان وڌيڪ بجلي چورن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

هلندڙ هفتي جي دوران لاڳاپيل ادارن لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد، اسلام آباد، ملتان، پشاور، حيدرآباد، سکر، ڪوئٽه ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي چورن کان 3 ارب روپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي. سيپٽمبر جي هلندڙ هفتي جي دوران لاڳاپيل ادارن 687 بجلي چور گرفتار ڪيا آهن.

لاڳاپيل ادارا سڄي ملڪ مان  بجلي چورن جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں