55

يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 170 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 170 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن عوام جي سهوليت لاءِ 170 کان وڌيڪ شين جي قيمتن ۾ 10 کان وٺي 190 روپين تائين گهٽ ڪري ڇڏيون آهن.

يوٽيلٽي اسٽورز جي ترجمان موجب 170 کان وڌيڪ شين جي نئين قيمتن جو اطلاق اڄ کان ٿي ويندو، چانهه، مصالحه ۽ ٻين عام واهپي جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته تازو ئي مين يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 800 کان وڌيڪ عام واهپي جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي هئي. ڪارپوريشن هميشه جيان پنهنجي صارفين جي لاءِ معياري عام واهپي جون شيون عام مارڪيٽ ۾ موجود قيمتن کان گهٽ ڏيڻ جي لاءِ ڪاربند آهي.

سمورن يوٽيليٽي اسٽورز تي خريداري جي لاءِ ڪنهن به قسم جي شرط لاڳو نه آهي. ملڪ جا سمورا شهري يوٽيليٽي اسٽورز تان خريداري ڪري سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں