76

راولپنڊي ۾ تماشي جي اجازت نه ڏينداسين، سخت قدمن سان منهن ڏنو ويندو: عظميٰ بخاري

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت چيو آهي ته راولپنڊي ۾ تماشي جي اجازت نه ڏني ويندي.

صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير اڄ به راولپنڊي تي يلغار جو پروگرام ٺاهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سختي سان منهن ڏنو ويندو.

پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته اڄ  هنن راولپنڊي ۾ فساد جو پروگرام ٺاهيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي ادارن تي حملا ٿي رهيا آهن. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير صوابي جي لاءِ نڪري چڪو آهي. انهي کان اڳ پرويز خٽڪ به اسلام آباد اچڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي، چون ٿا گنڊاپور پنجاب اچي ويو، گنڊاپور اٽڪ پل تان پنجاب ۾ داخل نه ٿيو، عظميٰ بخاري چيو ته جڏهن اٽڪ جي پل تان اچڻ جي اجازت ناهي ته ڪنهن به صورت ۾ کيس اچڻ نه ڏنو ويندو.

عظميٰ بخاري چيو ته گنڊاپوري پيٽرول بم ٻارن کي هلائڻ سيکاري ڇڏيا آهن، هتي اسان کين اهڙو ڪجهه به ڪرڻ نه ڏينداسين گنڊاپور صوابي کان اچي رهيو آهي انهي کي اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته شهباز شريف پوري دنيا کي جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسرائيلي ويزاعظم جي تقرير دوران انهي جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪرڻ بهترين عمل آهي،  هاڻ لبنان کي غزه بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته حڪومت امن امان جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم يو اين سلامتي ڪونسل اجلاس ۾ پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪئي. شهباز شريف اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير دوران بائيڪاٽ ڪيو. گڏيل قومون پاڻ وٽ ئي ڪيل قراردارن تي عمل نه ڪرائي سگهيون.

اطلاعات واري صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه شرپسند عناصر ڪڏهن به ڪنهن خوشخبري تي خوش نٿا ٿي سگهن، هاڻ هنن روڊ بلاڪ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، اسان ڪوبه روڊ بند ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير يلغار ڪرڻ جي بجاءِ صوبائي جي لاءِ منصوبن تي ڪم ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں