53

پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز بابت اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب جي اليڪشن ٽربيونل خلاف داخل اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سومر جي صبح عدالت ٻڌايو.

چيف جسٽس فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل بابت اليڪشن ڪميشن جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت جو فيصلو 5 صفر تي آيو، جنهن ۾ ججز ٽربيونل جي 12 جون جي مقرري بابت رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو فيصلو عدالتي نظير طور پيش نٿو ڪري سگهجي عدالت چيو ته جڏهن تڪرار جو تعلق آئيني اداري سان هجي ته محتاط رويو اختيار ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن درخواست ڪئي ته اليڪشن ٽربيونل جوڙڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اليڪشن ڪميشن جو موقف هو ته هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي، آئيني ادارن ۾ ٽڪراءَ تي محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي جو اضافي نوٽ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں