51

ڪرم ۾ قبائلي تڪرار سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، تعليمي ادارا بند، کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ٿي وئي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ قبيلن وچ ۾ جهيڙي سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

پوليس اختيارين موجب ڪرم جي مختلف هنڌن تي قبيلن ۾ جهيڙي سبب پاراچنار پشاور هاءِ وي سميت ٻيا روڊ بلاڪ آهن.

چيئرمين پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ محمد حيات خان ميڊيا کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب تعليمي ادارا به هڪ هفتي لاءِ بند آهن.

نجي ٽي وي سان سان ڳالهائيندي ڊي سي ڪرم جاويد الله محسود جو چوڻ هو ته ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ صلاحڪارن ۽ جرڳن سان ڪوششون ڪيون پيون وڃن، امن لاءِ رستو هموار ڪرڻ ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں