75

مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: نامور مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڪستان جي دوري تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد پهچي ويو.

اسلام آباد ۾ جي هوائي اڏي تي مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءَ الرحمان مذهبي معاملن بابت پارلياماني سيڪريٽري شمشير علي مزاري مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو.

ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ حڪومت جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي،دوري دوران هو ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ۽ اهم ملڪي شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي ڪيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پاڪستاني حڪومت جي دعوت تي هو ۽ شيخ فاروق نائيڪ پاڪستان جو دورو ڪندا.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل شيڊيول موجب، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ 5، 6 آڪٽوبر تي ڪراچي، 12، 13 آڪٽوبر تي لاهور، جڏهن ته 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ خطاب ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں