61

پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون توشه خانه 2 ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون خارج

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جون توشه خانه 2 ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون خارج، ٻنهي خلاف 2 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.

اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، ايف آءِ اي پاران پراسيڪيورٽر ذوالفقار عباس نقوي ٽيم سوڌو پيش ٿيو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي طرفان بئرسٽر سلمان صفدر وڪالت ڪئي.

پراسيڪيوشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني سعودي عرب مان مليل 7 ڪروڙ 15 لک روپين جي ماليت جو قيمتي سيٽ 19 لک روپين ۾ حاصل ڪيو، سيٽ ۾ نيڪلس، ايئر رنگز، بريسليٽس ۽ منڊي شامل هئي.

وڪيل موجب پي ٽي آءِ باني وزيراعظم طور  قيمتي سيٽ جي مارڪيٽ جي قيمت 58 لک روپيا لڳرائي، پي ٽي آءِ باني رياست کي مليل تحفو توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ بدران پاڻ وٽ رکيو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف ڪيس ثابت ٿيل آهي، ضمانت جون درخواستون خارج ڪيون وڃن،

سلمان صفدر چيو ته هڪ توشه خاني جا ٻه ڪيس ڪيئن ٿا ٺهي سگهن؟ ٻنهي ڪيسن ۾ جوابدار به ساڳيا آهن، نيب ترميمن جي بحالي واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد هي ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي.

عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو، بعد ۾ عدالت ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي 2 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں