93

جسٽس منيب آرٽيڪل 63 اَي بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ بينچ جو حصو ٿيڻ کان انڪار

اسلام آباد: جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اَي بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ بينچ جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جسٽس منيب اختر جي انڪار سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پاران ٻڌڻي هلائڻ لاءِ جسٽس منيب اختر عدالتي ڪمري ۾ نه آيو.

چيف جسٽس چيو ته ڪجهه دير اڳ جسٽس منيب اختر جو خط مليو آهي، خط ۾ هن اسان مان ڪنهن کي به مخاطب نه ڪيو آهي، چيف جسٽس عدالتي ڪمري ۾ جسٽس منيب اختر جو خط پڙهي ٻڌايو.

جسٽس منيب اختر خط ۾ چيو ته پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي بينچ جوڙي آهي، ڪميٽي جي جوڙيل بينچ جو حصو بڻجي نه ٿو سگهان، بينچ ۾ ويهڻ کان انڪار نه پيو ڪيان، بينچ ۾ شامل نه ٿيڻ جو غلط مطلب نه ورتو وڃي، منهنجي خط کي نظرثاني ڪيس جي ريڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط کي ريڪارڊ جو حصو بڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته اهڙي خط کي ريڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي روايت نه آهي.

هن چيو ته  جسٽس منيب جو خط عدالتي فائيل جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي، مناسب هو ته جسٽس منيب اختر پنهنجي راءِ بينچ ۾ اچي ڏئي ها، مون اختلافي راءِ جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي، جسٽس منيب اختر جي راءِ جو احترام آهي.

چيف جسٽس چيو ته  ڪوشش ڪنداسين ته جسٽس منيب اختر بينچ جو حصو بڻجي، جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ ۾ ئي آهي، اسان کيس درخواست ڪنداسين ته هو هن بينچ ۾ شامل ٿئي، ڪميٽي جو اجلاس ٻيهر گهرايو ويندو.

جسٽس منيب اختر بينچ ۾ شامل نه ٿيندو ته نئين بينچ جوڙي ويندي، اڄ لاءِ معذرت سڀاڻي هر صورت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں