56

تلهار ڀرسان چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 6 معصوم ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي

تلهار: تلهار لڳ چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 6 معصوم ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

تلهار ويجهو مين حيدرآباد بدين هائي وي تي ڪيريا  اسٽاپ وٽ چنگچي رڪشه ۽ موٽرسائيڪل جو پاڻ ۾ ٽڪر  ٿي پيو جنهن سبب چنگچي رڪشه پاڻي جي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 معصوم ٻارڙن 3 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي روڊ تان ويندڙ مخلتف گاڏين جي مسافرن ۽ مقامي ڳوٺاڻن پاڻي جي کاهي مان ٻاهر ڪڍيو زخمين ۾ 50 ورهين جي رتنا واگهري، 15 ورهين جي اميحه واگهري، 17 ورهين شگنه واگهري، 40 ورهين جي همراه درزي واگهري، 6 مهينه پوجا، 2 ورهين جي جاني، 5 ساڪه وڪرم، 2 ورهين جي راڻي، 3 ورهين جي رضيه، 2 ورهين جي حسينه واگهري شامل آهن.

زخمين کي تلهار اسپتال منتقل ڪيو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته هڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

حادثي جو شڪار هڪ ئي خاندان جا تلهار جا رهواسي آهن  جيڪي گداگري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں