55

نيب ترميمي قانون: وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه رليف گهري ورتو

اسلام آباد: نيب ترميمي قانون جي تحت رمضان شوگرمل ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز رليف گهري ورتو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي وڪيل عدالتي اختيار بابت احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواستگذار موجب نئين نيب قانون جي تحت ريفرنس تي ٻڌڻي جو اختيار احتساب عدالت جو نه آهي. استدعا ڪئي وئي ته عدالت ريفرنس واپس نيب چيئرمين  ڏانهن اماڻي. عدالت درخواست تي نيب کان 11 آڪٽوبر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت شهباز شريف جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز شريف جي نمائندي انوار حسين پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں