54

آرٽيڪل 63 اي بينچ ۾ شموليت کان جسٽس منصور به انڪار ڪري ڇڏيو، جسٽس نعيم اختر افغان شامل

اسلام آباد: پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جسٽس نعيم اختر افغان کي بينچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جو نالو تجويز ڪيو هو. جسٽس منيب اختر جي جڳهه جسٽس نعيم اختر افغان کي 5 رڪني لارجر بينچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل به لارجر بينچ جو حصو آهن.

ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته جسٽس نعيم اختر افغان جي شموليت کان 5 رڪني لارجر بينچ مڪمل ٿي ويو هو. سپريم ڪورٽ جو لارجر بينچ چيف جسٽس قاصي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ساڍي 11 وڳي آرٽيڪل 63  اي ڪيس جي  ٻڌڻي ڪندو. پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي جو اجلاس 9 وڳي ٿيو.

سپريم ڪورٽ پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي اجلاس جي ميٽنگ جا منٽس جاري ڪري ڇڏيا. مينٽس موجب 63 اي جي نظرثاني ٻڌڻي لاءِ پنج رڪني لارجر بينچ جوڙيو ويو. جسٽس منيب اختر خط ۾ بينچ ۾ نه ويهڻ لاءِ سببن سان گڏ  موجود نه هجڻ جو اظهار ڪيو. جسٽس منصور شاهه جي چيمبر اسٽاف سان رابطو ڪيو ويو پر جسٽس منصور علي شاهه رابطو ڪرڻ تي بينچ ۾ شموليت کان انڪار ڪيو ۽ ڪميٽي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي.

مينٽس موجب ڪميٽي اجلاس ۾ بينچ جوڙڻ لاءِ جسٽس نعيم اختر افغان کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جسٽس نعيم اختر افغان ٻڌايو ته هو پنج رڪني لارجر بينچ جو حصو بنجڻ لاءِ دستياب آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں