55

ملڪ جون حالتون گهر ڪري رهيون آهن ته سول ۽ ملٽري لاڳاپن ۾ بهتري اچي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ جون حالتون گهر ڪري رهيون آهن ته ملڪ ۾ سول ملٽري لاڳاپن ۾ بهتري اچي.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آئيني اصلاحات جو ايجنڊا اوچتو سامهون ناهي آيو. 2006 ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيون هيون. ميثاق جمهوريت ۾ عدالتي اصلاحات جا نڪتا شامل هئا.

نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته ميثاق جمهوريت جي حمايت پي ٽي آءِ باني ۽ مولانا فضل الرحمان به ڪئي هئي. اسحاق ڊار چيو ته آئيني ترميم جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان چيو هو ته  مون کي انهي معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي. آئيني ترميم تي بحث روڪي مولانا فضل الرحمان جو موقف مڃي ورتو.

نائب وزيراعظم چيو ته مون کي انهي ڳالهه جي خبر ناهي ته آئيني ترميم بابت عرفان صديقي حتمي تاريخ  ڪهڙي بنياد تي ڏني هئي. انٽرويو ۾ هڪ سوال تي هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي جو عدالتي فيصلو غلط آهي ته ان کي صحيح ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته نوازشريف جي منظوري ۽ اجازت کان سواءِ ڪوبه ڪم ناهي ٿيندو. شهباز شريف پارٽي صدر نوازشريف جي هدايتن تي هلي رهيو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ باني 9 مئي واقعو نه ڪرائي ها ته انهي سان به ڳالهيون ٿي سگهيون ٿي، نائب وزيراعظم ٻڌايو ته ٻن اڍائي هفتن ۾ اهم عالمي شخصيتن جا دورا ۽ تقريبون ٿيڻيون آهن. 1997ع کان پوءِ اهو پهريون اجلاس آهي جيڪو پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته سڀاڻي ملائيشين وزيراعظم جي سربراهي ۾ وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. انهن اهم مصروفيتن جي ڪري مان يو اين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ نه ويو هئس. هڪ سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته نوازشريف ويجهي دوست سان تعزيت جي اظهار لاءِ آمريڪا ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں