100

عمران خان وڌيڪ وقت جيل ۾ رهندو، هو احتجاج ڪرائي رليف وٺڻ چاهي ٿو، سندس اهو منصوبو ناڪام ويندو: منظور وساڻ

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ عمران خان جي جيل کان ٻاهر اچڻ يا نه اچڻ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

سياسي اڳڪٿين ۽ خوابن جي حوالي سان مشهوري ماڻيندڙ اڳوڻي صوبائي وزير پي ٽي آءِ باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڊيالا جيل کان ٻاهر اچڻ يا نه اچڻ بابت چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد ۽ مري جي ٿڌين هوائن ۾ ڦاسي چڪو آهي.

وساڻ هائوس ڪراچي ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني وڌيڪ ڪجهه وقت جيل ۾ رهندو، هو احتجاج ڪرائي پنهنجي لاءِ رليف وٺڻ چاهي ٿو پر رليف ڏيندڙ به وڏا پڪا آهن اهي ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۾ نه ايندا.

منظور وساڻ چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير وڏيون ڳالهيون ڪري پي ٽي آءِ باني ۽ پارٽي کي نقصان پهچايو آهي، هن اڳڪٿي ڪئي ته حڪومتي سسٽم هلندو صرف چهرا تبديل ٿيندا. شهباز شريف سمجهدار ماڻهو آهي موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن ڪجهه ڪمال ڏيکاري ويو ته بچي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں