53

آمر جي ٺاهيل ڪاري قانون جو خاتمو ضروري آهي: بلاول ڀٽو

ڪوئٽه: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمر جي ٺاهيل ڪاري قانون جو خاتمو تمام گهڻو ضروري آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان جي وڪيلن هميشه آمريت جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. صوبي جي عوام کي ڪجهه وقت کان دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته اسان جي نسلن جمهويت جي خاطر پنهنجون حياتيون قربان ڪيون آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمر جي ٺاهيل ڪاري قانون جو خاتمو ضروري آهي. اسان جي خاندان جو سفر ڪٺ پتلي کان شروع ناهي ٿيو. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جنرل ڪياني ۽ جنرل پاشا جي وچ ۾ مڪ مڪا ٿئي ته جيڪڏهن چارٽر آف ڊيموڪوريسي لاڳو ٿيندو ۽ جيڪڏهن 1973ع جو آئين اصلي حالت ۾ بحال ڪيو ويو ته اسٽيٽس جو ڇا ٿيندو؟ جمهوريت تي اسان جو ڪنٽرول ڪيترو هوندو؟

هن چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته اڄوڪي دور جون حالتون صحيح نه آهن، پر حالتون ته ان وقت به خراب هيون جڏهن  هڪ اهڙو فرعون ويٺل هو جنهن جي خلاف ڪير به ڳالهائي نٿي سگهيو. شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد جو مقصد آئين جي بحالي ئي هو. انهي جي آئين جي بحالي جو سفر ۽ جدوجهد 30 سالن تي ٻڌل آهي. اسان آئين کي بحال ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، اسان جي ۽ ٻين پارٽين کي به نشانو بنايو ويو.

پ پ چيئرمين چيو ته اوهان ئي ٻڌايو ته ڇا توهين عدالت جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن جج جي خلاف ڪجهه ڳالهائيندو ته انهي کي سڄي زندگي جي لاءِ سزا ملندي؟ ڇا اها اظهار جي آزادي آهي؟ ڇا  اظهار جي آزادي اها آهي ته اوهان ڪوبه فيصلو ڏئي ڇڏيو، اوهان وزيراعظم کي ڪڍي ڇڏيو، اوهان ارڙهين ۽ 19هين ترميم ۾ تبديلي ڪريو ۽ اسان چپ به نه چوريون.

هن چيو ته اسلام آباد ۾ عدالتي جنگ سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي. هاڻ رياست پيءُ جيان بڻجي وئي آهي. انهي ۾ سمورو ڪردار افتخار چوڌري جو آهي. افتخار چوڌري جهڙن ماسٽر مائينڊ ماڻهن عدليه کي خراب ڪيو، هاڻ چاهين ٿا ته فيصلا ٿيندا رهن ۽ اسان شڪايت به نه ڪريون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں