49

پاڙيسري ملڪ جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ريل جو سفر غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: پاڙيسري ملڪ جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ريل جو سفر غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف آڊٽ ريلوي لاهور جي جاچ رپورٽ ۾ ريلوي جي حادثن بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر  سامهون آيا آهن جنهن ۾ حفاظتي قدمن ۾ وڏين ڪوتاهي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2013 کان 2021 تائين ٽرين جا هڪ هزار 97 حادثا رپورٽ ٿيا.  گذريل 9 سالن جي دوران حادثن ۾ 631 مسافر حياتيون وڃائي ويٺا هئا جڏهن ته 780 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

آڊٽ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو ته پاڪستان ريلوي ۾ ساليانو 100 کان وڌيڪ حادثا پيش ايندا آهن ۽ ملڪ ۾ هر سال 70 کان وڌيڪ مسافر حياتيون وڃائي ويهندا آهن جڏهن ته وڏن حادثن جو انگ 360 آهي.

آڊٽ رپورٽ ۾ عالمي طور مڃيل سيفٽي انڊيڪس ماڊل ذريعي پاڪستان ۾ ٿيل حادثن جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪئي وئي. جنهن موجب پاڪستان ۾ ٽرين حادثن جو تعداد پاڙيسري ملڪن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ ريلوي جو سفر غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ تي 1565 بنا ڦاٽڪ وارن ڪراسنگ ٽرين کي حادثن جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو. انهي کان علاوه ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي سبب ٽرين سان ٽڪرائجڻ جا 493 حادثا پيش آيا. پاڪستان ۾ في ملين ڪلو ميٽر ٽرين جي سفر ۾ 117 کان 164 حادثا پيش آيا.

آڊٽ رپورٽ موجب اهڙن حادثن جي نتيجي ۾ ريلوي جي اختيارين کي 3517.4 ملين روپين جو نقصان ٿيو پر پاڪستان ريلوي اهڙن مالي نقصانن کي پنهنجن اڪائونٽس ۾ ظاهر ناهي ڪيو. آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حادثن جي نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں