54

گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي 26 اڳوڻا پارليامينٽ ميمبر چونڊون وڙهڻ لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي 26 اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي 11 اڳوڻن ميمبرن، سنڌ اسيمبلي جي 7 ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 8 ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اهي ميمبر قومي اسيمبلي سال 2022-23 جا گوشوارا جمع ڪرائڻ تي ڪنهن به چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن.

اليڪشن ڪميشڻ چيو آهي ته نااهل ٿيندڙ ميمبرن ۾ خرم دستگير، محسن رانجها، محمد علي، ڪمال الدين، ارسلان تاج، سيد عمران علي شاهه، يار محمد رند ۽ ٻيا شامل آهن. گوشوارا جمع ڪرائڻ کان پوءِ اڳوڻا ميمبر چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں