46

سپريم ڪورٽ ٻاهران پي ٽي آءِ وڪيلن جو احتجاج، چيف جسٽس جي خلاف سخت نعريبازي

اسلام آباد:پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي هدايت تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران پي ٽي آءِ وڪيلن احتجاج ڪندي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ ريڊ زون کي سيل ڪيو ويو ۽ رستن تي ڪنٽينرز لڳايا ويا جنهن جي ڪري ايڪسپريس هاءِ وي تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، آفيسن ۽ تعليمي ادارن ڏانهن ويندڙ ماڻهو پريشان ٿي ويا.

پي ٽي آءِ جا وڪيل رنڊڪون ڪراس ڪري احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پهتا ته انهي موقعي تي پوليس جي ڳري نفري پوزيشن سنڀالي ورتي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان وڪيلن جي ريلي سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پهتي جتي انهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف نعريبازي ڪئي. وڪيل قاضي فائز عيسيٰ جو پتلو به پاڻ سان گڏ کڻي آيا.

بيرسٽر گوهر سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي ته عوام جي  حقن جو تحفظ ڪري عدليه کي جڏهن به ورهائڻ جي ڪوشش ٿي ته وڪيل ٻاهر آيا آهن، گڏيل آئيني ترميم غير آئيني آهي، پوري ملڪ کي ڪنٽينرستان بنايو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں