63

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، بي ايل اي جا 6 اهم دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد: بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران بي ايل اي جا 6 اهم دهشتگرد مارجي ويا آهن.

ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ 12 سيپٽمبر 2024 تي بي ايل اي جي ٺڪاڻن تي انٽيليجنس بنيادن تي ڪاميابي سان گڏيل آپريشن ڪيو.

بي ايل جي اندروني ذريعن موجب آپريشن جي نتيجي ۾ بي ايل اي جا 6 اهم دهشتگرد مارجي ويا جن ۾ شافو، سمالاني عرف نادين، سرمد خان عرف دستين، محمد گل مري عرف واحد بلوچ، غلام قادر مري عرف انجير بلوچ، عبيد بلوچ عرف فدا ۽ تاج محمد عرف بابر شامل آهن. سمورا مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم ماڻهن تي سڌو سنئون حملن ۾ ملوث هئا.

دفاعي ماهرين موجب بي ايل اي جي 6 دهشتگردن جو مارجي وڃڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي ۽ اهڙن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ سان بي ايل اي کي وڏو نقصان آهي.

دفاعي ماهرن چيو آهي ته دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ظاهر ڪري ٿي ته دهشتگردن جي چيلهه ڀڄي پئي آهي. بلوچستان جي غيرتمند عوام هٿ ٺوڪئي آزادي جا نعرا هڻندڙ دهشتگردن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں