42

پنهنجي اصولن تي قائم رهنداسين جيڪو به اسان تي حملو ڪندو جواب ۾ اسان به انهي تي حملو ڪنداسين: نيتن ياهو

تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو اسرائيل تي ايراني ميزائلن حملن جو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايران تمام وڏي غلطي ڪري ڇڏي آهي  هاڻ  ايران کي انهي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

ايراني حملي کان پوءِ  پيدا ٿيندڙ صورتحال تي سيڪيورٽي ڪابينه جي هنگامي اجلاس کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ايران اسرائيل تي رات جي وقت سوين ميزائل فائر ڪيا پر دنيا جي سڀني کان جديد ايئر ڊفينس سسٽم جي سبب ايران جو حملو ناڪام ٿي ويو.

نيتن ياهو اسرائيلي ڊفينس فورسز ۽ شهرين کي حملي جي ناڪامي تي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي جڏهن ته ايراني حملو ناڪام ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي آمريڪا جو به ٿورو ادا ڪيو.

نيتن ياهو چيو ته ايران اسرائيل تي سڌو سنئون حملو ڪري تمام وڏي غلطي ڪري ڇڏي آهي انهن کي خبر ناهي ته اسان پنهنجي دفاع لاءِ ۽ دشمن کي جواب ڏيڻ لاءِ هر حد تائين وڃي سگهون ٿا.

اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجن ٺاهيل اصولن تي قائم رهنداسين ته جيڪو به اسان تي حملو ڪندو اسان انهي تي جوابي حملو ڪنداسين.

ياد رهي ته ايران اڱاري تي اسرائيل حملو ڪيو هو ۽ ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران  مان اسرائيل طرفان گهٽ ۾ گهٽ 102 ميزائل فائر ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ والاريل بيت المقدس ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران مان اسرائيل طرفان گهٽ ۾ گهٽ 400 ميزائل فائر ڪيا ويا.

اسرائيلي حملي کان پوءِ ايراني پاسداران انقلاب گارڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني فضائيه ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن جي ذريعي اسرائيل تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم فوجي ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو.

ايراني پاسداران انقلاب گارڊ چيو آهي ته اسرائيل تي حملو حماس جي سربراهه اسماعيل  بنيه ۽ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي شهادت جو بدلو آهي. اهڙن  حملن جا تفصيل بعد ۾ ٻڌائينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں