44

اسرائيل تي ٻيو حملو انهي کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو: ايراني سپريم اڳواڻ جي وارننگ

تهران: ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايران طرفان ٻيو حملو انهي کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو

اسرائيل تي حملي کان پوءِ سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسرائيل کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

آيت الله خامنائي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جي مدد سان پهريون حملو ڪامياب ٿيو هاڻ صيهوني رياست کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ جي لاءِ ٻيو حملو انهي کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو.

آيت الله خامنائي سوشل ميڊيا تي اها پوسٽ عبراني زبان ۾ ڪئي آهي ۽ اها پوسٽ ايران طرفان اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪرڻ جي ڪجهه ئي دير کان پوءِ ڪئي وئي.

انهي کان اڳ سپريم اڳواڻ جي ايڪس جي آفيشل اڪائونٽ تان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ٺهيل ميزائلن جي تصوير پوسٽ ڪئي وئي ۽ انهي تي نصر من الله وفتح قريب لکيل آهي. انهي ٽوئٽ کي ڪجهه منٽن ۾ ڪيترائي ڀيرا ري ٽوئٽ ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته ايران اسرائيل تي 400 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر  ڪيا جيڪي اصفهان، تبريز، خرم آباد، ڪرج ۽ اراڪ مان فائر ڪيا ويا جنهن کان پوءِ والاريل بيت المقدس سميت سموري اسرائيل ۾ سائرن وڄڻ لڳا، ميزائل حملن کان پوءِ اسرائيلين بنڪرز ۾ پناهه ورتي هئي.

اسرائيلي ميڊيا موجب تل ابيب ۽ شيرون ۾ راڪيٽ ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن ۽ اسرائيلي ايمبولينس سروسز 2 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي پڻ تصديق ڪئي آهي، اسرائيلي ايمبولينس سروسز ٻڌايو ته ميزائل حملن جي دوران  محفوظ هنڌن ڏانهن ڀڄ ڊوڙ دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا جن کي طبي امداد ڏني وئي.

اسرائيلي ميڊيا چيو آهي ته اسرائيل جي فضائي حد بندي ڪئي وئي  آهي ۽ هوائي اڏن تي موجود سمورن مسافرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. تهران ٽائمز موجب ايران ميزائل حملن ۾ اسرائيل جي ايف 35 جهازن جي اڏي نيو اٽم ايئر بيس کي به نشانو بنايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں