71

جسٽس منصور علي شاهه اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا

اسلام آباد: )سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن سبب ان جي بينچ جا ڪيسز ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ جي ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ويجهي مائٽ جي بيمار هجڻ سبب اڄ موڪل ورتي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جي سامهون مقرر ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا.

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل بينچ کي ڪيس ٻڌڻا هئا، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ کي ڪيس منتقل ڪيا ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 رڪني بينچ کي ڪورٽ روم 6 ۾ ڪيس ٻڌڻا هئا، بينچ پورو نه هجڻ سبب ڪورٽ روم 6 ۾ 2 رڪني بينچ ڪجهه دير ويهي واپس اٿي ويو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو هو، جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ان جي جڳهه جسٽس آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي معاملي تي نئون بينچ جوڙيندي جسٽس منيب اختر جي جڳهه جسٽس نعيم اختر افغان کي 5 رڪني بينچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں