44

وزيراعظم شهباز شريف جي مصروفيتن سبب وفاقي ڪابينه جو اڄوڪو اجلاس ملتوي

اسلام آباد: )وزيراعظم شهباز شريف جي مصروفيتن سبب وفاقي ڪابينه جو اڄوڪو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ طلب ڪيو هو. اجلاس ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ۽ جائزي جي لاءِ طلب ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه کي ايس سي او اجلاس بابت آگاهي ڏئي ها.

ذريعن موجب وفاقي شهباز شريف وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ طلب ڪيو هو، وفاقي ڪابينه جو اجلاس صبح ساڍي 10 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف تازي آمريڪي دوري بابت ڪابينه ميمبرن کي آگاهه  ڪرڻ ۽ انهن کي ڀروسي ۾ وٺڻ هو. پر هاڻ ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينه جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم ۽ ڪابينه ميمبرن جي مصروفيتن سبب اڄوڪو وفاقي ڪابينه جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي ايندڙ اجلاس جو بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں