49

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ قلم 144 لاڳو، ميانوالي ۾ موبائل، انٽرنيٽ سروس بند، رينجرز مقرر

لاهور:   پنجاب حڪومت مختلف شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو. ميانوالي ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي جڏهن ته رينجرز جون 2 ڪمپنيون به مقرر ڪيون ويون آهن.

قلم 144 لاڳو هجڻ سبب فيصل آباد، بهاوالپور، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ميانوالي، چنيوٽ ۽ جهنگ ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي اجتماعن، ڌرڻن، جلسن ۽ مظاهرن سميت احتجاجي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پي ٽي آءِ جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي مختلف شهرن ۾ ڪنٽينرز بيهاريا ويا آهن. بهاوالپور ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں