77

انٽرا پارٽي چونڊون ڪيس: پي ٽي آءِ کي دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ملي وئي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) کي دستاويزات جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.

بيرسٽر گوهر پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان انٽرا پارٽي چونڊن جو رڪارڊ ايف آءِ اي کان حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. ڪورٽ ايف آءِ اي کان اسان جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي. اسان ايف آءِ اي کي چيو آهي ته اسان کي رڪارڊ ڏيو اسان ڪاپي ڪري انهي کي واپس ڪري ڇڏينداسين. اسان ايف آءِ اي کي چيو آهي ته اوهان جي گاڏي ۾ اسان جو رڪارڊ پيل آهي انهي کي واپس ڏئي ڇڏيو، 10 ڏينهن تائين اسان کي ايف آءِ اي کان رڪارڊ ملي ويندو. دستاويزات جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي دستاويزات جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيندي انٽرا پارٽي چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں