62

لعلورائنڪ ٿاڻي اندر مبينا آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو

وڳڻ ،،،محمدبخش خاصخيلي جي
وڳڻ ۾ گزريل رات مين انڊس ها۽ وي تي چنا برادري طرفان لعلورائنڪ ٿاڻي اندر مبينا آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو ، ٽائر پڻ ساڙيا ويا جڏھن تہ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ، ايس ايڇ او وڳڻ ۽ ڊي ايس پي نصيرآباد طرفان مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين ايس ايس پي سان ڳالهين جو شرط رکي ڇڏيو ان موقعي تي مظاهرين محمد علي چنو ۽ ٻين ٻڌايو تہ اسان جي نوجوان کي پوليس تشدد ۾ ماريو آهي ۽ واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏنو ويو جڏھن تہ نوجوان کي قانون تحت ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ها ۽ ھو بيقصور هٗيو قاتل اهلڪارن مٿان ايف آ۽ آر داخل نہ ٿيڻ ۽ انصاف نہ ٿيڻ تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو ، 7 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رهيو جنهن بعد ايس ايس پي قمبر محمد ڪليم ملڪ مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون جنهن بعد ايس ايڇ او سميت ٻن پوليس اهلڪارن تي وڳڻ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي هوڏانهن الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او سيد مسرور شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ گزريل ٻہ ڏينهن پهريان جوابدار فتح محمد چنو کي شهرين موٽرسائيڪل چوري ڪندي پڪڙيو هيو ، نالي در محمد مغيري جي فرياد تي جوابدار مٿان ايف آ۽ آر داخل ڪئي هٗئي پر گزريل ڏينهن جوابدار لاڪپ جي اٽيج باٿ روم ۾ شلوار جي آڳٺ سان پاڻ کي ڦاھو ڏنو، اسان مٿان تشدد ڪرڻ جو الزام ڪوڙو آهي ڪو بہ تشدد ناهي ڪيو داخل ڪيل ڪيس کي منهن ڏنو ويندو جڏھن تہ اڄ صبح جو محمد علي چنو جي فرياد تي ايس ايڇ او مسرور شاھ ۽ ٻن پوليس اهلڪارن حبيب الله چانڊيو ، اي ايس آ۽ ظفر چانڊيو تي وڳڻ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ لعلورائنڪ ٿاڻي تي نئون ايس ايڇ او ذاڪر سانڊاڻو مقرر ڪيو ويو آهي،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں