50

ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين: جوبائيڊن

واشنگٽن:   آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اسان اسرائيل طرفان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي جي حمايت نه ڪنداسين.

ٻه ڏينهن اڳ ايران طرفان اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن جي حملن کان پوءِ آمريڪا اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو  ته ايران جي ميزائل حملي کان پوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي جيڪا پوري خطي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿي.

آمريڪي صدر چيو ته هو جي سيون ملڪن اسرائيل تي ميزائل حملي کان پوءِ ايران جي خلاف نئين ۽ سخت اقتصادي پابنديون لڳائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن تي جلد ئي عمل ڪيو ويندو. جوبائيڊن موجب ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن سان خطي ۾ انتهائي خوفناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ڪينيڊا، جرمني، جاپان، برطانيه، فرانس ۽ اٽلي سميت جي سيون ملڪ ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي جي  حق ۾ نه آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں