45

ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن ۾ بي قاعدگيون: سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب

ڪراچي:    سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن ۾ مبينه بي قاعدگين جي خلاف درخواست تي سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين جي وائس چانسلرز کي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي ميڪينزم سان ماڻهن کي ڪرپشن ۽ غيرقانوني سرگرمين جو موقعو ملي رهيو آهي.

عدالت هدايت ڪئي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ شفافيت جي لاءِ آغا خان بورڊ ۽ آءِ بي اي سان مشاورت ڪئي وڃي ۽ انهن کان پڇو وڃي ته ڇا هو ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ وٺي سگهن ٿا؟

انهي کان علاوه عدالت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ 190 کان وڌيڪ نمبرز وٺندڙ شاگردن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي. عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صحت جي سيڪريٽري، سيڪريٽري بورڊ اينڊ يونيورسٽيز ۽ صدر پي ايم سي ڊاڪٽر رضوان تاج کي به طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں