56

فوجي عدالتن جي حق ۾ نه آهيون، آئيني عدالت جو معاملو آخري انجام تائين پهچائينداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت جو معاملو آخري انجام تائين پهچائينداسين، پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي حق ۾ نه آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين جو ملٽري ٽرائل هلائڻ جي لاءِ اهو ڏسڻپ پوندو ته انهي جي خلاف شاهديون ڪهڙيون آهن؟

هن چيو ته پيپلز پارٽي موت جي سزا جي خلاف آهي ۽ صدارتي معافي جو اختيار به پيپلز پارٽي وٽ ئي آهي، هڪ سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اها راند کيڏڻ گهرجي ها ته ڪير بڻجندو وزيراعظم پر راند کيڏي وئي ته بڻجندو يا نه بڻجندو آرمي چيف.

هن وڌيڪ چيو ته آئيني حدن کان ٻاهر نڪري کيڏندڙ ادارن کي واپس آئيني حدن ۾ اچڻو پوندو. بلاول کان جڏهن پڇيو ويو ته 25 آڪٽوبر آئيني ترميم جي ڊيڊ لائن آهي؟ جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته 25 آڪٽوبر تائين ترميم ٿي وئي ته معاملو پرامن طريقي سان حل ٿي ويندو. ترميم نه ٿي ته حالتون شايد ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهن. آئيني عدالت جو معاملو آخري انجام تائين پهچائينداسين. پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي حق ۾ نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں