94

آرٽيڪل 63 اي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي: پي ٽي آءِ عدالتي ڪارروائي کان ڌار ٿي وئي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ عدالتي ڪارروائي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ آرٽيڪل 63 اي  نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل علي ظفر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي وئي آهي، ملاقات ۾ پوليس آفيسر به گڏ ويٺل رهيا، ملاقات ڪنهن وڪيل ۽ ڪلائنٽ جي ملاقات نه هئي. هن چيو ته  پي ٽي آءِ باني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو. هڪ گڏيل آئيني پيڪيج جو آرٽيڪل 63 سان تعلق آهي. اخبارن ۾ چيو ويو 25 آڪٽوبر تائين ترميم ضروري آهي، حڪومتي سياسي پارٽين جي خواهش آهي ته آئيني ترميم کڻي اينداسين. پهريان اها خبر پئجي وڃي ته پي ٽي آءِ باني کي پاڻ دليلن جي اجازت ملي ٿي يا نه، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات آزادانه طريقي سان ناهي ٿي.

جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اوهان کي ڪهڙيون ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻيون هيون، اوهان کي صرف آئيني معاملي تي ڳالهائڻو هو. علي ظفر صاحب اوهان بنا ڪنهن جواز جي استدعا ڪري رهيا آهيو  بيرسٽر علي ظفر چيو ته مان پي ٽي آءِ باني طرفان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، مان هتي پي ٽي آءِ جون ڳالهيون ڪندس جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي اجازت نه ڏيندو ته پيش نه ٿيندس، حڪومت ڪجهه ترميمون آڻڻ چاهي ٿي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته اڄ کان نه پر شروع کان ڪريو، جنهن تي بيرسٽر علي ظفر چيو ته مان جيڪو ڳالهائڻ چاهيان ٿو اوهان مون کي ڳالهائڻ نٿا ڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا اوهان سياسي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو ته جيئن سڀاڻي اخبارن ۾ سرخيون لڳن جنهن تي بيرسٽر علي ظفر چيو ته اڄ به اخبار جي هڪ سرخي آهي ته آئيني ترميم 25 آڪٽوبر کان اڳ آڻڻ لازمي آهي جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان کي انهي ڳالهه جي خبر نه آهي.

بيرسٽر علي ظفر چيو ته حڪومت آئيني ترميم آڻي رهي آهي ۽ تاثر آهي ته عدالت هارس ٽريڊنگ جي اجازت ڏيندي جنهن تي چيف جسٽس چيو اسان انهي ڳالهه تي اوهان تي توهين عدالت لڳائي سگهون ٿا. ڪالهه اوهان هڪڙو طريقو اپنايو اڄ ٻيو طريقو اپنائي رهيا آهيو اسان اوهان جي عزت ڪندا آهيون اوهان به اسان جي عزت ڪريو.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته هارس ٽريڊنگ جو چئي اوهان وڏو بيان ڏئي رهيا آهيو، هارس ٽريڊنگ ڇا ٿيندي آهي؟ اوهان کي اسان ٻڌايو ته اوهان کي شرمندگي ٿيندي؟  پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 63 اي جو فيصلو هارس ٽريڊنگ کي روڪي ٿو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالتن جو مذاق ٺاهڻ بند ڪريو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالت 63 اي تي پنهنجي راءِ ڏني هئي فيصلو نه ڏنو هو.

بيرسٽر علي ظفر چيو ته 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي جو بائيڪاٽ ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني چوي ٿو ته بينچ جي جوڙجڪ صحيح نه آهي اسان حصو نه بڻجنداسين.  چيف جسٽس چيو ته اهو ڏکوئيندڙ عمل آهي، اسان اوهان کي ٻڌڻ چاهيو ٿي، اوهان بطور عدالتي مددگار جي طور تي اسان جي مدد ڪندا. سپريم ڪورٽ علي ظفر کي عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن تي علي ظفر چيف جسٽس سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان جيڪڏهن هن ڪيس جو فيصلو ڏيو ٿا ته اهو مفادن جو ٽڪراءُ هوندو، چيف جسٽس چيو اوهان جيڪو ڳالهائي رهيا آهيو انهي کي نه ٻڌنداسين نه رڪارڊ جو حصو بنائينداسين. ڇا اوهان بطور وڪيل يا عدالتي مددگار اسان کي دليل ڏئي سگهو ٿا؟ جنهن تي بيرسٽر علي ظفر چيو ته بطور عدالتي مددگار دليل ڏئي سگهان ٿو. سپريم ڪورٽ بار ۽ پيپلز پارٽي بيرسٽر علي ظفر کي عدالتي مددگار مقرر ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪيو.

بيرسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ باني چوي ٿو ته بينچ قانوني نه آهي انهي لاءِ اڳيان وڌڻ جو فائدو نه آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان هر ڀيري عمران خان جو نالو ڇو کڻي رهيا آهيو، نالو کڻڻ کان سواءِ به اڳيان ڳالهايو جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مان ۽ جسٽس ميان خيل اڳ واري بينچ جو به حصو هئاسين اسان ٻنهي تي ته ڪوبه اعتراض نه ڪيو ويو. جنهن تي بيرسٽر علي ظفر چيو ته اعتراض بينچ جي جوڙجڪ تي آهي ڪنهن جي ذات تي نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں