41

اسلام ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار شهزور ۽ مهراڻ ڪار ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

اسلام ڪوٽ:  اسلام ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار شھزور گاڏي ۽ مھراڻ ڪار ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 20  کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي جي نتيجي ۾ مھران ڪار ۾ سوار ھيلٿ کاتي جو ملازم گلاب ميگھواڙ ۽ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويا آهن. ان حولاي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ ويرا واهه جا رهواسي سمان برادري جا ماڻهو عمرڪوٽ جلسي تي وڃي رهيا هئا ته روڊ حادثو پيش  آيو. زخمين ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسلام ڪوٽ کان مٺي ريفر ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب حادثو شهزور ۽  مهراڻ ڪار جي تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي سول اسپتال مٺي آندو ويو آهي، جتي ايمرجنسي صورتحال لاڳو ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں