45

پاڪستان معاشي تجويزن تي عمل ڪندو ته اهو انهي جو آخري پروگرام ٿي سگهي ٿو: آءِ ايم ايف مشن چيف

اسلام آباد: پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان ايمانداري سان معاشي تجويزن تي عمل ڪري ته اهو انهي جو آخري پروگرام ٿي سگهي ٿو.

آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي ناٿن پورٽر چيو آهي ته 2023 جي وچ ۾ پاڪستان جي معيشت جيڪي لاها چاڙها ۽ بي يقيني واري صورتحال ڏٺي هئي انهي کان پوءِ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي.

هن چيو ته انهي پروگرام سان معيشت کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ هڪ سٺي بنياد ملي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ايمانداري سان معاشي تجويزن تي عمل ڪندو ته اهو انهي جو آخري پروگرام ٿي سگهي ٿو.

قرض جي سخت شرطن جي سوال تي آءِ ايم ايف مشن چيف چيو ته ڪنهن به ملڪ کي پيش ايندڙ مخصوص مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي ۽ انهي جا حل ٻڌايا ويندا آهن پاڪستان جو موجوده پروگرام به مختلف نه آهي ۽ نه ئي اهو وڌيڪ سخت آهي.

ناٿن پورٽر اسپيشل اڪنامڪ زونز کي خصوصي رعايتون ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف ڪاروباري ادارن جي لاءِ مراعتن کي معاشي حدف حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار نٿو سمجهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں