65

ملائشين هم منصب جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي پرجوش استقبال، گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد: ) وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ملائشين وزيراعظم جو پرجوش استقبال ڪيو ويو، انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ ملائشين وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف سان ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم جي ون آن ون ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون.

ملائيشيا جو وزيراعظم 3 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهي. وزيراعظم معزز مهمان سان وفاقي ڪابينه جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته ملائيشين وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنهنجي وفد جو پڻ تعارف ڪرايو.

ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پوکيو جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفي ملاقات سان گڏوگڏ وفد جي سطح تي ملاقات ٿي جنهن سان گڏوگڏ پاڪستان ملائيشيا جي ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ٻنهي وزيراعظم جي ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي مسئلن  خاص طور تي مسلمات امت کي پيش ايندڙ مسئلن جو ذڪر ڪيو ويو، ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ بنائڻ تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون.

وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا کي 2025 جي لاءِ آسيان جي چيئرمين شپ ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں