64

ايران کي اهڙن نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪي انهي جي سوچ کان به ٻاهر هوندا: اسرائيلي سفير

نيويارڪ:گڏيل قومن ۾ مقرر اسرائيلي سفير چيو آهي ته اسرائيل تي ميزائل حملن جي ايران کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ ايران کي اهڙن نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪي انهي جي سوچ کان به ٻاهر هوندا.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ۾ اسرائيلي سفير چيو ته ايران سمورين مهذب قومن ۽ پنهنجي ئي عوام جو دشمن آهي، سلامتي ڪونسل ايران جي خلاف پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪري.

ٻئي طرف ايراني سفير چيو ته اسرائيل خطي کي بيان نه ڪرڻ جوڳي تباهي طرف ڌڪي رهيو آهي. ڇڪتاڻ ۾ اضافو روڪڻ جو هڪڙو ئي حل اهو آهي ته اسرائيل غزه ۽ لبنان ۽ جنگبندي ڪري.

ايراني سفير وڌيڪ چيو ته اسرائيل جي گذريل ٻن مهينن کان جاري چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين جي جواب ۽ خطي ۾ توازن جي روڪٿام لاءِ ايران جا ميزائل حملا ضروري هئا. اسرائيل کي هر چڙ ڏياريندڙ حرڪت جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ايراني سفير مطالبو ڪيو ته سلامتي ڪونسل اسرائيل جي جنگي ڏوهه کي روڪرائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں