43

پي ٽي آءِ طرفان ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان، اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستا بند، جاڙن شهرن ۾ موبائل سروس معطل

اسلام آباد:   پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ هر حالت ۾ ڊي چوڪ اسلام آباد تي احتجاج جو اعلان ڪري رکيو آهي. جڏهن ته مقامي انتظاميه امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جاڙن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر وقت مصروف عمل آهي. شهرين کي گذارش آهي ته هو  ڪنهن به غيرقانوني عمل جو حصو نه بڻجن.

اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته امن امان ۾ رنڊڪ وجهندڙن جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. سفر ۾ رستن جي بندش کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ ايڊوائزري کي نظر ۾ رکيو وڃي.

جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائل فون سروس معطل آهي ۽ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي. جاڙن شهرن کي ملائيندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ فيض آباد پل تي ڊبل ليئر ڪينٽرز رکيا ويا آهن جڏهن ته اسلام آباد ايڪسپريس کي به مختلف هنڌن تي سيل ڪيو ويو آهي.

آءِ جي پي ڊبل روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، راولپنڊي جي مُک روڊ مري جي چوڌاري ايندڙ رستن کي به بند ڪيو ويو آهي. راولپنڊي اسلام آباد کي ملائيندڙ رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به ٻئي حڪم اچڻ تائين معطل ڪئي وئي آهي. شهر ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں