46

آرمي چيف سان ملائيشين وزيراعظم جي ملاقات، پاڪ فوج جي پيشوارانه مهارت جي تعريف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ هن پاڪ فوج جي پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ ملائيشين وزيراعظم جي ملاقات ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ انٽرسٽ، علاقائي سلامتي ۽ دفاعي تعاون تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته انهي دوران پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي  ته ملائيشيا جي وزيراعظم علاقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.

ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو ادا ڪيو جڏهن ته ملاقات ۾ انهي ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب ۾  پڻ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں