96

احتجاج روڪرائڻو آهي ته قيدي نمبر 804 سان رابطو ڪريو، هر صورت ۾ ڊي چوڪ تي پهچنداسين: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد:  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مون سان اڃان تائين ڪنهن به احتجاج ملتوي ڪرڻ لاءِ رابطو ناهي ڪيو، منهنجو اختيار باني چيئرمين وٽ آهي اهو جيڪو حڪم ڪندو انهي تي عمل ڪندس.احتجاج کي روڪرائڻو آهي ته قيدي نمبر 804 سان رابطو ڪيو وڃي، اسان هر صورت ۾ ڊي چوڪ تي پهچنداسين.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته هر صورت ۾ ڊي چوڪ تي پهچنداسين، اڪيلو به رهجي ويس تڏهن به اتي پهچندس، اسان جو پرامن احتجاج آهي، تشدد ڪيو ويو ته ذميوار تشدد ڪندڙ پاڻ هوندا. انهي کان اڳ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پشاور ۽ کيبر جي پارٽي عهديدارن ۽ اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ هر صورت ۾ ڊي چوڪ تي پهچڻ جو فيصلو ڪيو ويو چيو ويو ته رستي ۾ ڪيتريون ئي  راتيون ترسڻو پوي ته ترسي پوجو کائڻ پيئڻ جون شيون، ڪپڙا، ماسڪ ۽ شيلنگ کان بچڻ لاءِ سامان به موجود هوندو.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس  ۾فيصلو ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه جي قافلي سان گڏ موٽروي ۽ رستن تان ڪنٽينرز هٽائڻ جي مشينري به گڏ هوندي.

علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته منهنجو سڀني جي لاءِ پيغام آهي ته آزادي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ گهر مان ٻاهر نڪرڻو آهي، رستا بند ڪرڻ معمول جي ڳالهه آهي، اسان بند پيل رستا کولينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں