60

ٺري ميرواهه ۾ شادي شده عورت گوليون هڻي قتل

ٺري ميرواھ: ٺري ميرواھ جي ڳوٺ رحيم خان جلباڻي ۾ شادي شده عورت کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آهي.  واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي ڪري لاش کي ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ رحيم خان جلباڻي ۾ شادي شده ناري راحيلا جلباڻي کي جوابدارن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري لاش کي ضروري ڪاروائي لاء ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي جتي ناري جي والد ذوالفقار جلباڻي الزام ھڻندي ٻڌايو ته منھنجي ڌيء کي سندس مڙس شوڪت ۽ ڏير برڪت گوليون ھڻي بيگناھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں