50

گرفتاري جو چيلينج ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي پوليس کي ڏسندي ئي ڀڄي ويو

اسلام آباد: پوليس کي گرفتار ڪرڻ جو چيلينج ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڊي چوڪ پهچڻ تي پوليس کي ڏسندي ئي ڀڄي ويو، پوليس اهلڪار کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس پويان ڊوڙندا رهيا پر هو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

رپورٽ موجب احتجاج جي لاءِ ڊي چوڪ ويندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي پوليس کان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اهلڪار سندس پٺيان ڊوڙندا رهيا.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته فردوس شميم نقوي ايڪسپريس چوڪ پهتو ته پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي ته هو پوليس کي ڏسندي ڀڄي ويو، پوليس جيئن ئي فردوس شميم نقوي جي گرفتاري لاءِ اڳيان وڌي ته هو فورن گاڏي ۾ ويٺو ۽ گاڏي تيزي سان ڊوڙائي ڀڄي وڃڻ ۾ فرار ٿي ويو. پوليس جي وڏي نفري مقرر هجڻ جي باوجود هو آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾  ڪامياب ٿي ويو.

ياد رهي ته فردوس شميم نقوي مختلف ٽي وي چينلز کي انٽرويوز ڏنا هئا جن ۾ هن پوليس کي گرفتار ڪرڻ جو چيلينج به ڏنو هو، هن چيو هو ته مان احتجاج جي سڏ تي ڊي چوڪ ضرور پهچندس پوليس کي طاقت آهي ته مون کي گرفتاري ڪري ڏيکاري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں