61

جهڙي طرح 7 آڪٽوبر جو حملو جائز هو، اهڙي طرح ايران جو اسرائيل تي حملو جائز آهي: آيت الله خامنائي

تهران:  ايران جي سپريم اڳواڻ آيت الله علي خامنائي جمعي جي نماز جو خطبو ڏيندي زور ڏنو آهي ته هر ملڪ کي جارحيت جي خلاف دفاع جو حق حاصل آهي، فلسطيني حق تي آهن اسان انهن سان گڏ آهيون، مسلمان ملڪن کي گڏ ٿيڻو پوندو.

5 سالن کان پوءِ جمعي جو خطبو ڏيندي آيت الله علي خامنائي چيو ته مسلمان مظلوم ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن، هي وقت انهن جي گڏ ٿيڻ جو آهي. آيت الله خامنائي  جنوري 2020 تي آخري ڀيرو جمعي جي نماز جي امامت ڪئي هئي.

هن چيو ته مسلمان قومن کي افغانستان مان يمن، ايران مان غزه ۽ لبنان تائين دفاعي لائن ٺاهڻي پوندي جهڙي طرح 7 آڪٽوبر جو حملو جائز هو اهڙي طرح ايران جو اسرائيل تي حملو جائز آهي.

آيت الله علي خامنائي چيو ته اسان اسرائيل کي جواب ڏيڻ ۾ دير نه ڪنداسين نه ئي وري جلدي ڪنداسين مسلمان امت جا دشمن گڏيل آهن، قرآن پاڪ جو درس آهي ته مسلمان قوم گڏ رهي، ايران جو دشمن فلسطين، لبنان، عراق مصر، شام ۽ يمن جو دشمن آهي. هن چيو ته  قرآن ۾ مومنن جي اتحاد مان مراد رحمت الاهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں