50

وفاقي حڪومت گرين لائن بس سروس منصوبو سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:وفاقي حڪومت هلندڙ سال ڊسمبر ۾ گرين لائن بس سروس منصوبو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وفاقي حڪومت طرفان گرين لائن بس سروس منصوبو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت گرين لائن بس سروس منصوبي جا آپريشن سنڀالڻ جون تياريون به مڪمل ڪري ورتيون آهن.

ان حوالي سان  سنڌ جي صوبائي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گرين لائن بس سروس جي آپريشن جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ايم ڊي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي شريڪ ٿيا جنهن ۾ گرين لائن کي اورنج لائن سان جوڙڻ جي منصوبي تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس ۾ جاري آپريشنز، يوٽيليٽي سروسز ۽ گرين لائن بس جي سبسڊيز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گرين لائن منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جو هڪ اهم جز آهي، چاهيون ٿا ته گرين ۽ اورنج لائن جوڙڻ جو ڪم ڊسمبر 2024 کان اڳ مڪمل ٿي وڃي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت گرين لائن آپريشنز تي 2 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي جنهن تي سنڌ حڪومت نظر ثاني ڪندي. گرين لائن منصوبي جي سنڌ ڏانهن منتقلي کان پوءِ ان ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪنداسين.

شرجيل ميمڻ اهو به چيو ته سنڌ حڪومت جي پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبن تي عوام سک جو ساهه کنيو آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪراچي جو پراڻو مسئلو رهيو آهي، چاهيون ٿا ته ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں