51

وزيرستان ۾ پاڪ فوج ۽ خوارج دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ، ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 5 جوان شهيد

پشاور: اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ  ٿي جنهن دوران 6 خوارج مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت پنج جوانن سميت شهيد ٿي ويو.

شهيد ٿيندڙ جوانن ۾ لانس نائيڪ محمد الله، لانس نائيڪ اختر زمان، لانس نائيڪ شاهدالله، لانس نائيڪ يوسف علي، سپاهي جميل احمد جام شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي پاڙن کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، علائقي ۾ ٻين خارجين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي.

آءِ ايس پي آر موجب 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جو تعلق فيصل آباد سان آهي جنهن سوڳوارن ۾ گهر واري ۽ 3 پٽ ڇڏيا آهن.

30 ورهين جي لانس نائيڪ محمد الله شهيد جو تعلق ض:ع خيبر، 30 ورهين جي لانس نائيڪ اختر زمان شهيد جو تعلق لکي مروت، 29 ورهين جي لانس نائيڪ شاهدالله جو تعلق ضلع ٽانڪ، 31 ورهين جي لانس نائيڪ يوسف علي شهيد جو تعلق لوئر اورڪزئي، 26 ورهين جي سپاهي جميل احمد شهيد جو تعلق ضلع سوات سان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں