87

ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سموريون حدون پار ڪري رهيو آهي: گهرو وزير

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سموريون حدون پار ڪري رهيو آهي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ پولي ڪلينڪ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هن شرپسندن هٿان زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪار سان ملاقات ڪئي.

گهرو وزير محسن نقوي زخمي پوليس اهلڪارن جي بلند حوصلن جي تعريف ڪندي چيو ته اوهان شرپسندي جي باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو، قانون جي عملداري لاءِ اوهان فرض شناسي جي اعليٰ مثال قائم ڪئي، اوهان اسلام آباد پوليس جا بهادر سپوت آهيو ۽ اسان کي اوهان تي فخر آهي.

جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي محسن نقوي چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور سموريون حدون پار ڪري رهيو آهي، انهي جي قافلي تان پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 80 کان 85 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. اسان وڏي وزير کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو سمجهڻ جي لاءِ تيار نه آهي هو سموريون حدون پار ڪري رهيو آهي. اڳتي جيڪو ڪجهه به ٿيو انهي جي ذميواري ڪي پي ڪي جي وڏي وزير مٿان هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں