49

پي ٽي آءِ جو احتجاج: مينار پاڪستان ۽ ٻيا رستا ڪنٽينرز لڳائي بند

لاهور: لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب مينار پاڪتان ۽ ان جي چوڌاري رستن کي ڪنٽينرز لڳائي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.

شهر جي داخلي رستن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مُک روڊن تي پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ انتشار پکيڙڻ وارن جي خلاف سخت ايڪشن جي تياري ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي مينار پاڪستان تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

ٻئي طرف لاهور ۾ داخل ٿيندڙ سمورن رستن کي ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي. قصور، ٺوڪر نياز بيگ، ڪاهنه نور ۽ ڪينال کان مينار پاڪستان ويندڙ رستن کي به بند ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي جلسي سبب شهرين پنهنجون سرگرميون به محدود ڪري ڇڏيون آهن.

جاتي امراءَ روڊ تي شريف فيملي جي رهائشگاهه ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ اڊا پلاٽ تي ڪنٽينرز لڳائي جاتي امراءَ روڊ کي بند ڪيو ويو آهي. اڊا پلاٽ تي مختلف هنڌن تي 200 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

جاتي امراءَ مل چوڪ سندر روڊ کي به ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو. مل چوڪ تي به پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي جڏهن ته ملتان روڊ، مانگا منڊي چوڪ کان مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ ٺوڪر نياز بيگ کي به ڪنيٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو. ٺوڪر نياز بيگ تي داخلي ۽ خارجي رستن کي ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي. پوليس جي وڏي نفري اتي موجود آهي روڊن جي بندش سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايمبولينس به رستي ۾ ڦاسي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں