57

پاڪ فوج کي شرپسند عناصرن جي گرفتاري ۽ مظاهرين تي لاٺي چارج جا اختيار ملي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه فوج کي ڏنل اختيارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب فوج کي صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿيڻ تي ڪارروائي جا سمورا اختيار حاصل هوندا. مقامي ڪمانڊر وفاقي پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪندو.

فوج کي شرپسند عناصرن جي خلاف ڪارروائي ۽ گرفتاري جا به اختيار ڏنا ويا آهن. مظاهرين جي خلاف لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ جي به اجازت هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته طاقت جو گهٽ کان گهٽ استعمال ڪيو ويندو. شرپسندن جي موجودگي يا خطري جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس جي غير موجودگي ۾ فوجي اهلڪار ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سگهن ٿا.

گذريل ڏينهن گهرو وزارت آئين جي آرٽيڪل 245 جي تحت پاڪ فوج جي مقرري جا حڪم ڏنا هئا جنهن جي تحت فوجي دستن جي اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ مقرري جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں