49

رستن جي بندش: توشه خانه 2 ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي

راولپنڊي: اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس 2 ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ٻنهي ڪيسز جي ٻڌڻي رستن جي بندش سبب ملتوي ڪئي وئي آهي، عدالت توشه خانه ڪيس 2 ۾ اڄ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.

توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست تي 5 ڏينهن ۾ فيصلي جو امڪان آهي.

توشه خانه ڪيس 2 ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جڏهن ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا کي ڪرڻي هئي. هاڻ توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي 7 ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں