اسلام آباد: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان سڀني جو اختيار پي ٽي آءِ باني وٽ آهي، عمران خان اسان جي ريڊ لائن آهي، اسان پنهنجي حدف کان پوئتي نه هٽنداسين.
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حق ۽ سچ جو ساٿ ڏينداسين، الله تعاليٰ کي سڀني کان وڌيڪ تڪبر ناپسند آهي، تڪبر فرعون به ڪيو هو پر اانهي جي گهر ۾ ئي حضرت موسيٰ عليه السلام پيدا ٿيو هو.
ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته علي امين گنڊاپو جو قافلو پنهنجي منزل طرف ٻيهر روانو ٿي ويو آهي. وڌيڪ رڪاوٽون نه بيهاريون ويون ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڪلاڪ ۾ ڊي چوڪ تي پهچي ويندو.
هن چيو ته اسان محب وطن پاڪستاني آهيون، اسلام آباد تي چڙهائي نه پيا ڪرڻ وڃون، پوليس رستن ۾ اسان جي لاءِ رنڊڪون نه بيهاري، پوليس، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا.
بيرسٽر سيف چيو آهي ته اسان پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق وٺڻ جي لاءِ نڪتا آهيون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي درخواست آهي ته عوام سان نه ٽڪرايو، پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي واپس ٿينداسين ٻيو ڪوبه آپشن نه آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ ڪارڪن سڄي رات برهان انٽرچينج جي ڀرسان کليل آسمان هيٺ گذاي، سڄي رات علي امين گنڊاپور ۽ سندس قافلي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪنٽينرز هٽائڻ ۾ مصروف رهيا.