96

پي ٽي آءِ کي ملڪي ترقي جي تڪليف آهي، ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ملڪي ترقي جي وڏي تڪليف آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪاوشن سبب سفارتي اڪيلائپ ختم ٿي، پوري دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسي کي مڃي رهي آهي، انهي کان علاوه  دنيا جي مختلف ملڪن جا سربراهه به پاڪستان اچي رهيا آهن.

هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چٽن لفظن ۾ پوري مسلمان امت جي ترجماني ڪئي آهي وزيراعظم فلسطين جو ڪيس به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾وڙهيو. فلسطين جو مسئلو هجي يا ڪشمير جو وزيراعظم انهي جو علمبردار بڻجو آهي، هاڻ دنيا جي ملڪن جا سربراهه پاڪستان اچي رهيا آهن. ايراني صدر جي دوري کان پوءِ پاڪ ايران لاڳاپن ۾ مضبوطي آئي آهي.

هن چيو ته اهڙي طرح سعودي عرب سان لاڳاپا ڏسو انهي جو به هڪ وفد اچي رهيو آهي، تعاون وڌي رهيو آهي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته جڏهن ملائيشيا جو صدر ملڪ ۾ موجود هو تڏهن اها ڪوشش ڪئي وئي ته ڊي چوڪ طرف مارچ ڪيو وڃي، جڏهن ڪوبه ٻاهر کان مهمان ايندو آهي ته اها پاڪستان جي عزت آهي، هو پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ايندو آهي.

وفاقي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، عالمي ميگزين، اخبارون ڏسي وٺو، پاڪستان جي اڪانومي ٽيڪ آف ڪري رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي  ايمرجنگ ترين مارڪيٽس مان هڪ آهي. عطا تارڙ وڌيڪ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مهانگائي جو سنگل ڊيجٽ ۾ اچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، رائٽ سائزنگ، ڊائون سائزنگ ڪئي، ايف بي آر جي ڊيجيٽائزيشن ڪئي وئي.

هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته اوهان نه اچو ها ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها. پاڪستان تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف ترقي آهي ته ٻئي طرف انتشار آهي، تشدد آهي، هڪ طرف تباهي ۽ بربادي جو منظر آهي، اهو خيبرپختونخواهه جو صوبو آهي.

عطا تارڙ سوال ڪيو ته ڌرڻا يا مارچ ڇو پيا ڪيا وڃن؟ ڇو ته هنن کي ڪڏهن به پاڪستان جي ترقي قبول نه هئي ۽ نه آهي، هنن جي پيٽ ۾ سور پئجي رهيو آهي، هنن کي رات جو ننڊ نٿي اچي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں